درگاهه علي محمد مست

درگاهه علي محمد مست (ماڳ): هيءَ ٽالپر دور جو مقبرو آهي، جيڪو تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ واقع آهي. هن مقبري ۾ مير علي محمد مست نالي بزرگ جي مزار آهي، جيڪو ماڻڪاڻي ميرن جي خاندان مان هو. پنهنجي وقت جو عالم ۽ فاضل هو. خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو معتقد ٿيو ۽ گهڻو عرصو لنواريءَ ۾ ئي رهيو. هن مقبري ۾ پنج پير آرامي آهن، جن جون مزارون به روضي اندر آهن. هيءُ مقبرو ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو